محرابپور ۾ دڪاندار جو نينگر تي وحشياڻو تشدد، دڪاندار گرفتار

0
55

محرابپور (ويب ڊيسڪ) محرابپور ۾ موبائل فون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ دڪاندار نينگر تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.

مليل ڄاڻ موجب محرابپور ۾ مبينا چوري جي الزام ۾ دڪاندار نينگر کي کٽ سان ٻڌي بي رحماڻي ۽ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.

دڪاندار نينگر جون ڄنگهون کٽ سان ٻڌي سندس پيرن تي لٺيون وسائيندو رهيو جنهن سبب نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي کيس نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اطلاع ملڻ تي پوليس ڪارروائي ڪندي دڪاندار مسعود چنه کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY