آزادي مارچ جا قافلا پنهنجي ٻي منزل ملتان ڏانهن روانا

0
61
Azadi March

سکر (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانافضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ جاري حڪومت مخالف آزادي مارچ جا قافلا پنهنجي ٻي منزل ملتان ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

جي يوآءِ (ف) جي انتظاميا سکر کان اسلام آباد تائين مولانافضل الرحمان لاءِ بم پروف ڪنٽينر به تيار ڪري ورتو آهي.

مارچ پنو عاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوباوڙو سوڌو ٻين ضلعن کان ٿيندي صوفين جي شهر ملتان ۾ داخل ٿيندو.

واضح رهي ته آزازدي مارچ گذريل ڏينهن ڪراچي کان شروع ٿي حيدرآباد، لاها، مٽياري، نوابشاهه، خيرپور کان ٿيندي رات دير سان سکر پهتو هو.

LEAVE A REPLY