تعليم کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو نيب ۾ طلب

0
96
Fazlullah Pechuho

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو به نيب جي ريڊار تي اچي ويو، قومي احتساب بيورو (نيب) سکر سرڪاري زمين جي مبينا الاٽمينٽ جي جاچ لاءِ فضل الله پيچوهو کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب نيب سکر طرفان تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو کي 22 آڪٽوبر تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيب طرفان مختيارڪار روينيو عبدالحميد ڪٽو سوڌو ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور جي روينيو اختيارن خلاف مني لانڊرنگ جي سلسلي ۾ جاچ هلندڙ آهي.

جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته توهان ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڇنڊڇاڻ ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان ڪشمور ۾ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جيڪو عوامي عهدي تي ويهي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ برابر آهي.

نيب سکر جي اختيارين فضل الله پيچوهو کي سڀاڻي رڪارڊ سوڌو طلب ڪري ورتو آهي.

LEAVE A REPLY