اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي 8 هفتن لاءِ سزا معطل ڪري ڇڏي

0
31
Nawaz Sharif

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ طبي بنيادن تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا 8 هفتن لاءِ معطلي ڪري ڇڏي.

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌايو ويو آهي.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي 8 هفتن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ 20_20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن 8 هفتن ۾ علاج نه ٿيو ته صوبائي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي، 8 هفتن کانپوءِ پنجاب حڪومت سان رابطو نه ڪيو ويو ته جيل وڃڻو پوندو.

ٻڌڻي دوران پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف سروسز اسپتال لاهور ۾ علاج مان مطمئن آهي، ان کي پنجاب حڪومت تي اعتماد آهي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق پنجاب جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي گهرائڻ جو مقصد بيماري قيدين لاءِ قدم کڻڻ آهي، جنهن تي عثمان بوزدار چيو ته مان هڪ سال ۾ جيل جا 8 دورا ڪري چڪو آهيان ان حوالي سان سڌارن جو پيڪيج صوبائي ڪابينا ۾ آهي.

عدالت پنجاب جي وڏي وزير کان جيلن بابت رپورٽ وٺڻ کانپوءِ کيس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

LEAVE A REPLY