نيب چيئرمين زرعي ترقياتي بينڪ جي وقتي صدر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
75

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته زرعي ترقياتي بينڪ جي وقتي صدر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ميڊيا رپورٽس جو نوٽيس وٺندي زرعي ترقياتي بينڪ جي وقتي صدر شيخ امان الله خلاف بدعنواني جي الزامن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

قومي احتساب بيورو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب زرعي ترقياتي بينڪ جي وقتي صدر جي مقرري قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ڪئي وئي آهي، زرعي ترقياتي بينڪ 80 ارب مالي بدعنواني جي سبب واپس ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

نيب چيئرمين  جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب راولپنڊي اختيارين جي غلط استعمال جي جاچ ڪري، شيخ امان الله جي مقرري ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY