رحيم يار خان ويجهو تيزگام ايڪسپريس ۾ باهه، فوتين جو انگ 65 ٿي ويو

0
52
RahimYarKhan

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي لياقت پور ويجهو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب تيز گام ايڪسپريس جي بوگين کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 65 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

رپورٽس موجب ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس ۾ رحيم يار خان جي لياقت پور ويجهو واقعو پيش آيو، ٽرين ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب اِن جي ٽن بوگين ۾ باهه لڳي وئي.

ڊي پي او رحيم يار خان امير تيمور خان 65 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

 ٻڌايو پيو وڃي ته مسافرن سلينڊر ۾ ناشتو تيار ڪيو ته سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن کانپوءِ ٽرين کي باهه لڳي وئي، واقعي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

آءِ ايس پي آر ترجمان موجب پاڪ فوج جا جوان به امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

LEAVE A REPLY