شيخ رشيد تيزگام ٽرين حادثي جي ذميواري مسافرن مٿان وجهي ڇڏي

0
47
Shaikh Rasheed

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد تيز گام ايڪسپريس جي حادثي کي مسافرن جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته واقعي ۾ ٽرين جون 3 بوگيون متاثر ٿيون آهن، ماڻهو اجتماع تي وڃي رهيا هئا، مسافرن جا ٻه سلينڊر ڦاٽڻ سبب بوگين ۾ باهه لڳي وئي، وڌيڪ فوتگيون مسافرن طرفان هلندي ٽرين مان ٽپا ڏيڻ سبب ٿيون آهن.

وڌيڪ پڙهو:رحيم يار خان ويجهو تيزگام ايڪسپريس ۾ باهه، فوتين جو انگ 65 ٿي ويو

شيخ رشيد چيو ته مسافر ٽرين ۾ سلينڊر کڻي ڪيئن پهتا ان جي جاچ ڪئي ويندي، مسافر چلها پنهنجن ٿيلهن ۾ رکندا آهن ۽ قانون کان نٿا ڊڄن.

LEAVE A REPLY