ريفرنس فائل ڪرڻ ئي نيب ڪيسز جو منطقي انجام آهي: نيب چيئرمين

0
33
Justice Retired Javed Iqbal

سکر (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويداقبال جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي پويان هماليه به بيٺل آهي ته اُن جي ڪابه حيثيت ناهي، جيڪڏهن ڪيس ٺهندو هوندو ته ضرور ڪيس ٺاهينداسين.

تفصيل موجب سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان جو ڪم ڪنهن حڪومت کي عدم استحڪام کان دو چار ڪرڻ ناهي، سکر ۾ ڪجهه آءِ اوز تي بدديانتي ۽ ناقص ڪارڪردگي جون شڪايون موجود آهن.

هُن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس ٺهي ٿو ته اسان ضرور ٺاهينداسين، ڪنهن جي پويان هماليه به بيٺل هُجي ته ته اُن جي ڪابه حيثين ناهي.

نيب چيئرمين چيو ته نيب 2 سالن ۾ 600 کان وڌيڪ ريفرنس فائل ڪيا آهن، ڪوشش آهي 900 ارب رپيا جلد ريڪور ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهو چون ٿا ته نيب ڪيسز کي منطقي انجام تائين ناهي پهچائي رهيو، ريفرنس عدالت ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ اُهوءِ منطقي انجام آهي.

LEAVE A REPLY