خورشيدشاهه ايمبولينس ذريعي عدالت ۾ پيش، جسماني رمانڊ ۾ واڌ

0
63
Khursheed Shah

سکر (ويب ڊيسڪ) عدالت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

نيب خورشيد شاهه کي عدالت پيش ڪئي بناءَ هي ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي سندس وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي هُئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو.

عدالت خورشيد شاهه کي هڪ ڪلاڪ اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي نيب طرفان خورشيد شاهه کي ايمبولينس ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب ٽيم خورشيد شاهه کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، خبعيت خراب هئڻ ڪري خورشيد شاهه کي ايمبولينس ۾ عدالت آندو ويو ۽ ويل چيئر تي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت خورشيد شاهه کي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ ڏيندي کيس 9 نومبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

LEAVE A REPLY