نيب پاران مريم نواز جي ضمانت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

0
30

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اختيارين مريم نواز جي چوڌري شگرملز ڪيس ۾ ضمانت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

مليل ڄاڻ موجب نيب وٽ پڪا ثبوت موجود آهن، مريم نواز مڪمل صحتمند آهي ۽ هوءَ بيمار ناهي ۽ ان کانسواءِ سلطاني شاهد عبدالله ناصر لوٿا به شريف ڪٽنب جي مني لانڊرنگ جي حوالي سان پنهنجو بيان ڪرائي ڇڏيو آهي.

قومي احتساب بيورو موجب قانوني مشاورت کانپوءِ مريم نواز جي ضمانت بابت عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY