مولانافضل الرحمان واپس وڃي رهيو آهي: شيخ رشيد جي دعويٰ

0
44
Shaikh Rasheed

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته مولانافضل الرحمان جو ڌرڻو ختم ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلا حل ٿي ويندا.

تفصيل موجب سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو آهي ته خوشي آهي ته هاڻوڪي حڪومت وڏي دانشمندي سان اِن معاملي کي هينڊل ڪيو.

آزادي مارج جي حوالي سان هُن دعويٰ ڪئي آهي ته مولانافضل الرحمان وڃي رهيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلا حل ٿي ويندا.

ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته سياسي جماعتون سياسي طريقي سان پنهنجو حق مڃرائنديون آهن، محمود اچڪزئي جهڙي ماڻهو کي گڏ رکي اهڙو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ملڪ خلاف ڪو هڪ انتشار جو ماحول هجي.

شيخ رشيد هڪ دفعو ٻيهر اُها ڳالهه ورجائي آهي ته ”انشاءَالله مولانا وڃي رهيو آهي، اسلام آباد پُرسڪون هوندو ۽ حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي.

LEAVE A REPLY