آزادي مارچ: وزيراعظم استعيفيٰ کانسواءِ هر آئيني مطالبو مڃڻ لاءِ تيار

0
40
Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي يو آءِ (ف) جي آزادي مارچ بابت ڳالهين لاءِ جوڙيل حڪومتي ڪميٽي کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهين لاءِ جوڙيل حڪومتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسدقيصر، بچاءُ واري وزير ۽ ڪميٽي جي اڳواڻ پرويز خٽڪ سوڌو پرويز الاهي، نورالحق قادري، اسدعمر ۽ شفقت محمود شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪميٽي وزيراعظم کي گذريل ڏينهن اپوزيشن جي رهبرڪميٽي ۽ مولانافضل الرحمان سان ٿيندڙ ملاقات بابت آگاهه ڪيو.

جنهن کانپوءِ سڄي صورتحال جو جائزو وٺندي وزيراعظم ڪميٽي کي چيو ته اوهان جيڪو به فيصلو ڪندا مونکي منظور هوندو.

ذريعن موجب وزيراعظم ڳالهين واري ڪميٽي کي مڪمل اختيار ڏيندي سندس استعيفيٰ کانسواءِ آزادي مارچ وارن جو ڪوبه آئيني مطالبو مڃڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعب ٻڌايو ته وزيراعظم جو چوڻ هو ته اپوزيشن جي قانون سازي ۽ پارليامينٽ جي حوالي سان مطالبا منظور ٿيندا پر استعيفيٰ جي خواهش قبول نه ٿيندي.

LEAVE A REPLY