ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي هرممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي: وزيراعظم

0
56
Imran Khan Tweet

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪيپيٽل ڊيويلپمنٽ اٿارٽي جي ڇيئرمين (سي ڊي اي) کي ڌرڻي واري هنڌ جو تُرت دورو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته موسم جي تبديلي ۽ برسات کي نظر هيٺ رکندي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ريليف فراهم ڪيو وڃي.

واضح رهي ته مولانافضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ آزادي مارچ جو قافلو 27 آڪٽوبر تي ڪراچي کان روانو ٿيو هو جيڪو مختلف شهرن مان ٿيندي 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهتو هو.

ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ 6 ڏينهن کان اسلام آباد جي سيڪٽر ايڇ نائن جي ميٽرو ڊپو گرائونڊ ۾ موجود آهن.

وڌيڪ پڙهو:آزادي مارچ ۾ شامل وڌيڪ 2 ڪارڪن فوت، ڪيترائي بيمار

LEAVE A REPLY