اپوزيشن جماعتون سنجيده ٿين ته هڪ ڪلاڪ ۾ حڪومت وڃي سگهي ٿي: مصطفيٰ ڪمال

0
55
Mustafa Kamaal

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مولانافضل الرحمان ڦاسڻ وارو سياستدان ناهي، اپوزيشن جماعتون سنجيده ٿين ته هڪ ڪلاڪ ۾ حڪومت گهر وڃي سگهي ٿي، پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ کي ڪنٽينر تي چڙهي خطاب ڪرڻ زيب نه ٿو ڏئي.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ شهري حڪومتون ڪچرو کڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، مخالف ڌر حڪومت کي هٽائڻ لاءِ اسيمبلي مان استعيفيٰ به ڏئي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته رحيم يار خان سانحي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا ۽ ريلوي وارو وزير سياست ۾ رڌل آهي، مولانا صاحب جي ذات بابت بيان وزيراعظم کي زيب نه ٿو ڏئي.

LEAVE A REPLY