ڪامياب جوان پروگرام: نوجوانن کي ميرٽ تي قرض ملندو: عثمان ڊار

0
58
Usman Dar

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص معاون عثمان ڊار چيو آهي ته ”ڪامياب جوان پروگرام“ تحت نوجوانن کي ميرٽ تي ۽ شفاف نموني سان قرض ملندو.

پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ عثمان ڊار جو چوڻ آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي تحت قرض جي فراهمي جو سلسلو ڊسمبر جي آخر تائين شروع ڪيو ويندو، پروگرام مان فائدو کڻي نوجوان پنهنجو ۽ ملڪ جو مستقبل سڌارين.

هُن چيو ته پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سوڌو ٻين عالمي بئنڪن سان رابطا ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ نوجوان پروگرام مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته ايندڙ مرحلي جو حصو ضرور ٻڻجن.

LEAVE A REPLY