نيب ايگزيڪيٽو بورڊ اجلاس، 5 انڪوائرين جي منظوري، حنا رباني خلاف جاچ بند

0
78
Chairman NAB Javed Iqbal

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پ پ اڳواڻ حنا رباني کر خلاف جاچ بند ڪري ڇڏي.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيٽو جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 5 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي.

نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر امانت الله خان ۽ بکر جي اڳوڻي ضلعي ناظم حميد اڪبر خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي.

نيب ايگزيڪيٽو بورڊ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني لميٽڊ (اين ٽي ڊي سي)، پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ (پي پي ايل) ۽ پيٽروليم واري وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سميت سي ڊي اي جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي.

پڌرائي موجب اجلاس ۾ ميان امتياز، چوڌري محمد منير، غلام رباني کر ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير پ پ اڳواڻ حنا رباني کر خلاف جاچ بند ڪئي وئي آهي.

نيب موجب انڪوائريون بند ڪرڻ جي منظوري ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي قانون موجب ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY