معيشت جي بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻ ضروري هو: وزيراعظم

0
45
Imran Khan Ijlas

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي، معيشت جي بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻ ضروري هو، حڪومتي قدمن جا سٺا نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سرڪاري ايراضي کي فلاحي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، قانون واري وزير فروغ نسيم سوڌو ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران عمران خان دعويٰ ڪندي چيو ته ملڪ جي معيشت ۾ استحڪام اچي چُڪو آهي، عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون، معاشي عمل تيز ڪرڻ خاص ڪري نوجوانن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا.

وزيراعظم چيو ته معيشت ۽ وسيلن جو وڏو حصو پرڏيهي قرضن جي ادائيگين ۾ رُڌل هوندو آهي، ماضي ۾ سرڪاري ملڪيتن کي موثر طريقي سان استعمال هيٺ نه آڻڻ مجرمانه غفلت هُئي.

وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪيتن بابت ڪيسن جي جلد فيصلن لاءِ ڪوششون تيز ڪيو وڃن.

اجلاس دوران پنجاب ڪوآپريٽوبورڊ فار ليڪوڊيشن جي انتظام هيٺ ملڪيتن کي عوامي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پي سي بي ايل جي نئين انتظاميا 6 مهينن ۾ اربين رپين جي ملڪيتن کي ناجائز قبضي کان آجو ڪرايو.

LEAVE A REPLY