احتساب عدالت پاران نيب کي اسحاق ڊار جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جي اجازت

0
38

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب کي اسحاق ڊار جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير تبسم اسحاق ڊار جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ملڪيت نيلام ڪرڻ کان روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

درخواستگذار ملڪيت نيلام ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو، تبسم اسحاق ڊار موقف اختيار ڪيو هو ته اسحاق ڊار لاهور جي ملڪيت کيس تحفي ۾ ڏني هئي پر ان باوجود هوءَ ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي.

LEAVE A REPLY