سياسي اختلاف سدائين ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن: عثمان بوزدار

0
59
Usman Buzdar

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار چيو آهي ته سياسي اختلاف سدائين ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن، احتجاج جو اهڙو طريقو هرگز استعمال نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئي.

تفصيل موجب عثمان بوزدار پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مارچ سبب پاڪستان جو دنيا ۾ اميج متاثر ٿي رهيو آهي، سياسي اختلافن کي ان حد تائين نه آندو وڃي جنهن سان ملڪ ۽ قوم جو وقار مجروح ٿي ۽ پاڪستان جي مخالفن کي تنقيد جو موقعو ملي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي اڳواڻن تي ڳري ذميواري لاڳو هوندي آهي هو جغرافيائي صورتحال ۽ پيش ايندڙ ڏکيائين کي نظر هيٺ رکندي وڏي نظر جو مظاهرو ڪن، وزيراعظم عمران خان ملڪ کي هڪ عظيم معاشي قوت بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي.

LEAVE A REPLY