حڪومت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي: نعيم الحق

0
43
naeem ul haq

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سياسي معاملن بابت خاص معاون نعيم الحق چيو آهي ته حڪومت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي خاص معاون نعيم الحق پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف سخت بيمار آهي، اسان ان جون رپورٽس ڏٺيون آهن، هر پاڪستاني کي پنهنجي مرضي سان علاج ڪرائڻ جو حق آهي.

نعيم الحق جو چوڻ هو ته نواز شريف جي پرڏيهه ۾ علاج تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، پر اهو عدالت جو صوابديد آهي ته نواز شريف هڪ يا ان کان وڌيڪ ڀيرا ٻاهر ويندو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق جو چوڻ هو ته هاڻي عدالت کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪيتري عرصي لاءِ ٻاهر ويندو.

LEAVE A REPLY