آمراڻا سوچ جمهوريت ۽ وفاق لاءِ خطرو آهي، احتساب نه پر انتقام ورتو پيو وڃي: پ پ چيئرمين

0
48

مظفرڳڙهه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي آمراڻا سوچ جمهوريت ۽ وفاق لاءِ خطرو آهي، احتساب جي نالي تي سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.

ڏکڻ پنجاب جي ضلعي مظفرڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڇو نه ظالم حڪومت خلاف بغاوت ۽ تحريڪ جو آغاز ڪيو وڃي؟ ڇو نه سليڪٽرز کي ٻڌايو وڃي ته توهان جا سليڪٽڊ فيل ٿي چڪا آهن ۽ عوام انهن کي ريجيڪٽ ڪري ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري بينظير ڀٽو کي شعر پڙهي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هيءَ اها ئي جاءِ آهي جتي بينظير ڀٽو شهادت کان 2 ڏينهن اڳ خطاب ڪيو هو.

سندس چوڻ هو ته مان واعدو ڪيان ٿو ته هميشه اوهان جو ساٿ ڏيندس، ڪٺ پتلي ميدان کي صاف ڪري سهولتون ڏنيون ويون، گذريل سال 25 جولاءِ تي سليڪشنز ۽ ڌاندلي ٿي، پولنگ ايجنٽس کي پولنگ اسٽيشنز کان ٻاهر ڪڍيو ويو.

پ پ چيئرمين چيو ته هي ڪهڙو احتساب آهي جو پوري اپوزيشن کي جيل موڪليو ويندو آهي، ڪيس سنڌ جا ۽ هلايا راولپنڊي ۾ ويندا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته گذريل اليڪشن کي ڪنهن پارٽي تسليم نه ڪيو، ڪيترين ئي پارٽين حلف کڻڻ کان به انڪار ڪيو، پ پ ٻين پارٽين کي پارليامينٽ اچڻ تي راضي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پهريان به 11 سال جيل ۾ گذاريا، اسان ظلم برداشت ڪري رهيا آهيون پر هاڻ عوام تي ظلم ٿي رهيو آهي، اسان عوام کي ظالم حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته هي نااهلن جو ٽولو آهي، هي نه ملڪ سنڀالي سگهن ٿا ۽ نه ئي معيشت کي سنڀالي سگهن ٿا، عوام جي مسئلن جو حل عوامي حڪومت آهي، پوري اپوزيشن متفق آهي ته هن سليڪٽڊ مان جان ڇڏائي وڃي، ڪٺ پتلي جيترو رهندو ملڪ جي معيشت اوتري خراب ٿيندي.

LEAVE A REPLY