ڀارتي اداڪار سني ديول سڀاڻي پاڪستان ايندو

0
73
Sunny Deol

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ۽ ڀارتي پنجاب جي شهر گرداسپور مان ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اسيمبلي ميمبر سني ديول ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان 9 نومبر تي سکن جي روحاني پيشوا باباگرونانڪ جي 550هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪندو ۽ اِن حوالي سان ٿيندڙ تقريب ۾ تقريبن 10هزار ماڻهو شرڪت ڪندا.

ڪرتارپورراهداري جي افتتاحي تقريب ۾ حڪومت پاڪستان طرفان ڀارت جي مشهور شخصيتن کي دعوت ڏني وئي آهي جن ۾ ڀارت جو اڳوڻو وزيراعظم من موهن سنگهه، ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪانگريس جو اڳواڻ نوجوت سنگهه سڌو، ڀارتي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ۽ اداڪار سني ديول سوڌو ٻيا شامل آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪرتارپور ايندڙ پهرئين وفد ۾ نوجوت سنگهه سڌو، ڀارتي پنجاب جو وڏو وزير، اڳوڻو وزيراعظم من موهن سنگهه ۽ اداڪار سني ديول شامل آهن جيڪي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندا.

LEAVE A REPLY