ڪرپشن ڪيس: اڪرم دراني کان جاچ مڪمل، 12 نومبر تي ٻيهر طلب

0
37

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه اڪرم دراني نيب آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو جنهن کانپوءِ نيب کيس 12 نومبر تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

تفصيل  موجب مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جو سربراهه اڪرم دراني نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ پيش ٿيو، نيب ذريعن جو چوڻ هو ته اڪرم دراني کان ٽن ڪرپشن جي ڪيسن، آمدني کان وڌيڪ اثاثا، غيرقانوني ڀرتين ۽ پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت جاچ ڪئي وئي.

جاچ دوران اڪرم دراني کان نيب سوال ڪيا ته اوهان تڪ جي 70 ماڻهن کي جعلي ڊوميسائل تي وزارت ۾ ڀرتي ڪيو؟ وزارت هائوسنگ جي آفيسرن جعلي ڊوميسائلن تي ڀرتيون ڪيون؟ ڀرتي ٿيندڙ ماڻهو اوهان جي تڪ مان هئا؟

اڪرم دراني جواب ڏنو ته مولانا جي مارچ ۽ ڌرڻي جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، وزارت ۾ ڀرتين سان سڌي ريت تعلق ناهي، وزارت هائوسنگ ۾ خالي جاين تي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ويون.

نيب راولپنڊي اڪرم دراني کان جاچ مڪمل ڪري کيس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ 12 نومبر تر ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

LEAVE A REPLY