حڪومتي ترجمان نواز شريف جي پرڏيهه روانگي تي نرم موقف اختيار ڪن: وزيراعظم

0
35

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي نواز شريف جي پرڏيهه روانگي جي معاملي تي نرم موقف اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

مليل ڄاڻ موجب اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي هدايت ڪئي ته نواز شريف جي پرڏيهه روانگي واري معاملي تي نرم موقف اختيار ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي صحت يا علاج تي ڪا سياست نه ڪنداسين، پهرئين ڏينهن کان موقف آهي ته سياست کي انساني صحت کان ڌار رکيو وڃي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا ادارا آزاد آهن، قومي احتساب بيورو (نيب) جي چوڻ تي نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، نيب جي سفارش تي ئي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو، اسان ادارن جي آزادي ۽ خودمختياري تي يقين رکون ٿا.

LEAVE A REPLY