نواز شريف جي صحت جي حوالي سان سياست نه ڪئي ويندي: فردوس عاشق اعواڻ

0
37

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت جي حوالي سان ڪا سياست نه ڪئي ويندي.

سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان بار بار واضح ڪيو آهي ته سياست پنهنجي جاءِ تي ۽ انساني همدردي پنهنجي جاءِ تي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان کي رياست مدينه جي طرز تي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ وزيراعظم جو نظريو آهي.

سڌسماءَ بابت خاص معاون جو چوڻ هو ته نواز شريف کي عدالت طبي بنيادن تي ضمانت ڏني آهي، گهرو وزارت کي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت درخواست ملي آهي.

LEAVE A REPLY