ڪرتارپور راهداري ترقي جا رستا کلڻ جو سبب بڻجندي: شاهه محمود قريشي

0
33

لاهور (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪرتارپور راهداري ترقي جا رستا کلڻ جو سبب بڻجندي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرتارپور راهداري جي حوالي سان پنهنجو واعدو پاڙي ڇڏيو، پاڪستان سمورين اقليتن کي مڪمل آزادي آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندو، مسيح ۽ ٻيون اقليتون آزادي سان مذهبي رسمون ادا ڪري سگهن ٿيون، افسوس آهي جو ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ جمعي جي نماز تي پابندي مڙهي رکي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي ڌمڪين باوجود مهاتير محمد ڪشمير بابت پنهنجو موقف نه بدلايو، ڪرفيو ختم ٿيڻ کانپوءِ والاريل ڪشمير جو عوام پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پهريون ڀيرو گڏيل قومن والاريل ڪشمير جو مسئلو بحث هيٺ آهي، او آءِ سي والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ پنهنجو موقف ڏنو.

LEAVE A REPLY