پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي: آءِ ايم ايف

0
79

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي.

پاڪستان سان ڳالهين کانپوءِ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.

آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح گهٽ آهي پر مثبت آهي، مالياتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.

آءِ ايم ايف موجب پاڪستان سان ٿيل جائزي اجلاس ۾ معاشي ڪارڪردگي بابت مطمئن آهيون، پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جي حوالي سان بورڊ کي آگاهه ڪيو ويندو.

پڌرائي موجب بورڊ ڪارڪردگي جي بنياد تي 45 ڪروڙ ڊالر جي قسط منظور ڪندو، پاڪستان سان معاشي پاليسين جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY