حڪومتي وزيرن جو لهجو مفاهمت نه پر ٽڪراءَ طرف وڃي ٿو: فضل الرحمان

0
45

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان حڪومتي ڪميٽي کي پيغام ڏنو آهي ته استعيفيٰ کڻي اچو يا نه اچو، حڪومتي وزيرن جو لهجو مفاهمت نه پر ٽڪراءَ طرف وڃي ٿو.

آزادي مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سموريون سياسي جماعتون آزادي مارچ لاءِ هڪ پيج تي آهن، سياسي جماعتن جا اڳواڻ هر ڏينهن آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندا آهن.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هيءَ جعلي اسيمبلي بڻائي وئي آهي جيڪا جعلي قانونسازي ڪندي آهي، اهڙي جعلي اسيمبلي جي قانونسازي جعلي آهي، جعلي وزيراعظم جا ايگزيڪيٽو آرڊرز به جعلي آهن جن کي ڪير به تسليم نه ڪندو.

سندس چوڻ هو ته ان جعلي قانونن جي ڪا حيثيت ناهي، ايڊهاڪ ازم تي ملڪ نه هلندو آهي، ملڪ کي اهڙن ماڻهن مان فارغ ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي پارليامينٽ کي تڪراري بڻايو ويو آهي.

جي يو آءِ ف جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان هن ملڪ کي امن جو مرڪز بڻائينداسين، اسان جي پاڪ فوج امن لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جيڪڏهن قوم جون قربانيون نه هجن ها ته فوج ان هدف کي حاصل نه ڪري سگهي ها.

سندس چوڻ هو ته اسان اهي قربانيون ان ڪري ناهن ڏنيون جو اهڙن نااهل ماڻهو حڪمراني ڪندا، اهڙن حڪمرانن کي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستان قبضا گروپ لاءِ ناهي بڻيو، ان جو فيصلو رڳو پاڪستاني عوام کي ڪرڻو آهي.

LEAVE A REPLY