توهين عدالت ڪيس: فردوس عاشق اعواڻ لکت ۾ معافي گهري ورتي

0
54
Firdous Ashiq Awan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءُ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ توهين عدالت ڪيس ۾ پنهنجو لکت ۾جواب عدالت ۾ جمع ڪرائيندي هڪ دفعو ٻيهر معافي گهري ورتي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ هڪ دفعو ٻيهر غيرمشروط معافي گهرندي چيو ويو آهي ته عدالت ۽ ججز بابت 29 آڪٽوبر وارا پنهنجا رمارڪس غيرمشروط طور تي واپس وٺان ٿي ۽ غيرمشروط معافي گهري پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيان ٿي.

جواب جي متن ۾ فردوس عاشق اعواڻ شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جي استدعا ڪندي چيو ته پريس ڪانفرنس دوران موکان ٽارگيٽڊ سوال ڪيو ويو، جواب ڏيندي مون چيو ڇنڇر واري ڏينهن ٻڌڻي جو ٻين سائلين کي به فائدو ٿيندو، وڌيڪ چيو ته ڇنڇر واري ڏينهن ٻڌڻي سان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ عام سائلين کي به فائدو پهچندو.

جواب ۾ وضاحت ڏيندي چيو ويو آهي ته پريس ڪانفرنس رڳو نوازشريف جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت هُئي، منهنجي چوڻ جو مقصد اُهو هو ته عدالت نوازشريف کي خاص ريليف ڏئي رهي آهي، عدالت سمجهي ٿي ته ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته غيرمشروط معافي گهران ٿي.

LEAVE A REPLY