نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل

0
42
Lahore High Court

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب درخواست بئريسٽر جاويد اقبال جعفري پاران داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيو آهي ۽ هُن خلاف ڪيترائي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي بيماري قيدين جي برعڪس علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ امتيازي سلوڪ آهي، هُو حسين حقاني جيئن پرڏيهه وڃي واپس نه ايندو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت درخواست جي فيصلي سان مشروط ڪئي وڃي ۽ عدالتي فيصلو اچڻ تائين ااڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY