وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو

0
55
PM Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ آزادي مارچ ۽ حڪومتي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويندو ۽ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي.

تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اجلاس ۾ ملڪي سياسي، معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ آزادي مارچ ۽ حڪومتي حمڪت عملي جو به جائزو ورتو ويندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو 7 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، اوگرا ميمبر جي مقرري ۽ هيلٿ ڪيئر ريگوليشن ايڪٽ تحت بورڊ آف اٿارٽي جي ميمبرز جي مقرري ايجنڊا جو حصو آهن.

LEAVE A REPLY