ڪابينا جا سڀ ميمبر نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ جا حامي ناهن: فواد چوڌري

0
51
Ch Fawad Hussain

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري انڪشاف ڪيو هي ته ڪيترن ئي وفاقي وزيرن نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي، ڪابينا جا سڀ ميمبر نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ جا حامي ناهن.

وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هيل تائين ڪابينا کي نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سمري موصول نه ٿي آهي، نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ ڪابينا جي منظوري گهربل هوندي.

هُن چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ۾ نوازشريف جو پرڏيهه وڃڻ زيادتي هوندي، ن ليگ پنهنجي حڪومتي دور ۾ اهڙو اسپتال نه ٺاهي سگهي جتي نوازشريف جو علاج ٿي سگهي، اِن تي ن ليگ کي پهريان قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نوازشريف کي ٻاهر موڪليو وڃي ڇوجو ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه اسپتال ناهي، نوازشريف جي جڳهه مان هجان ها ته مرڻ کي ترجيح ڏيان ها، مان اُهو نه چوان ها ته هتي منهنجي علاج لاءِ اسپتال ناهي، بهرحال اُها بدقسمتي آهي، پارٽي فيصلو ڪندي.

LEAVE A REPLY