نواز شريف جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيار گهرو وزارت کي آهي: نيب

0
55
NAB Punjab Government Employe arrest

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي حوالي سان گهرو وزارت کي جواب اماڻي ڇڏيو.

نيب طرفان موڪليل جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو اختيار گهرو وزارت وٽ آهي، وفاق حڪومت اڳ به جوابدارن جا نالا نيب کان پڇڻ بنا اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيا هئا.

نيب جي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن به شخص جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو اختيار رکي ٿي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري معاملي جو پاڻ جائزو وٺي.
واضح رهي ته گهرو وزارت پاران نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ خط لکيو ويو هو ۽ ان سان گڏ نواز شريف جون ميڊيڪل رپورٽس پڻ لڳايون ويون.

LEAVE A REPLY