وفاقي حڪومت مريم نواز کي به پرڏيهه موڪلڻ لاءِ راضي

0
57
Maryam Nawaz

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز جي پرڏيهه روانگي تي مشروط راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

ننڪانه صاحب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه جو چوڻ هو ته نوازشريف سان نه ڪا ڊيل ٿي رهي آهي ۽ وري ڪا ڍيل ڏني پئي وڃي، عمران خان اهڙي قسم جو ماڻهو ناهي جو ڪنهن کي ڊيل يا ڍيل ڏي.

هن چيو ته نوازشريف کي انساني همدردي جي بنياد تي پرڏيهه علاج لاءِ اجازت ڏئي پئي وڃي ڇو جو ڊاڪٽرن موجب اڳوڻي وزيراعظم جي طبعيت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ پاڪستان ۾ سندس علاج ممڪن ناهي تنهنڪري نوازشريف کي رڳو علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، هُو علاج کانپوءِ ڏيهه واپس ضرور ايندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مريم نواز بيمار ٿي ته اُن کي به پرڏيهه علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي پر هِن وقت هُوءَ صحتمند آهي ۽ کيس ڪابه سنجيده نوعيت جي بيماري ناهي ۽ بيماري کانسواءِ کيس ٻاهر وڃڻ نه ڏينداسين، هوءَ ٺيڪ هي الله تعاليٰ کيس صحتياب رکي.

آزادي مارچ بابت اعجاز شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت هي 5 سال ۽ ايندڙ 5 سال به پورا ڪندي ۽ مولانافضل الرحمان کي ايتريون سهولتون ڏئي رهيا آهيون جو سندس دل اسلام آباد ۾ لڳي ويو آهي، هُو جلد وڃڻ وارو ناهي، اسان کيس ايترو پيار ڏئي رهيا آهيون جو هُو وزيراعظم جي استعيفيٰ وارو مطالبو وساري ڇڏيندو.

گهرو وزير اعجاز شاهه وڌندڙ مهاگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته مهانگائي ته آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اسان ان کي گهٽ ڪرڻ ۽ گورننس ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

LEAVE A REPLY