نوازشريف جي صحت هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ خراب ٿي رهي آهي: مريم اورنگزيب

0
46
Maryam Aurangzeb

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ نوازشريف جي صحت خراب ٿي رهي آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوازشريف کي جيترو جلدي پرڏيهه منتقل ڪيو ويندو اوترو ئي سندس علاج لاءِ بهتر هوندو.

تفصيل موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ڊاڪٽرن لاءِ سڀ کان پهريون چئلينج نوازشريف جي مرض جي سڃاڻپ ۽ پليٽليٽس ۾ گهٽتائي جو سبب ڄاڻڻ آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف کي پرڏيهه کڻي وڃڻ لاءِ ايئرايمبولينس سڀاڻي لاهور پهچندي، ڊاڪٽر نوازشريف کي طبي طور تي سفر لاءِ اڄ کان ٻيهر تيار ڪرڻ شروع ڪندا.

سندس چوڻ هو ته نوازشريف پهريان به سٽيراِئيڊز جي هاءِ ڊوزن تي آهي ۽ سٽيرائيڊز ۽ ٻين دوائن جي مدد سان نوازشريف جي پليٽليٽس کي سفر جي قابل بنايو ويندو، ڊاڪٽرن ڪالهه نوازشريف جي نازڪ صحت کي نظر هيٺ رکندي ايئرايمبولينس جو انتظام ڪرڻ جو چيو هو.

LEAVE A REPLY