نوازشريف کي رڳو ايئرايمبولينس ذريعي سفر جي اجازت

0
52
Nawaz Sharif

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نگراني لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ کيس رڳو ايئر ايمبولينس ۾ سفر جي اجازت ڏني آهي.

تفصيل موجب ميڊيڪل بورڊ مڪمل معائني کانپوءِ تجويز ڏني آهي ته نوازشريف جي طبيعت ۾ هيل تائين سڌارو نه اچي سگهيو آهي ۽ کيس ڪنهن به وقت طبي سهولتن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

ڊاڪٽرن موجب اسٽيرائيڊز ذريعي پليٽيليٽس کي وڌيڪ ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته نوازشريف جي شُگر ۽ بلڊپريشر به مسلسل ڪنٽرول کان ٻاهر آهن.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي بيماري جي ڄاڻ نه ٿيڻ ڪري ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ ايئر ايمبولينس جي بنا سفر (ن) ليگي اڳواڻ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

LEAVE A REPLY