ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جا سمورا پلان ناڪام ٿيندا: فردوس عاشق اعواڻ

0
59
Firdous Ashiq Awan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جا سمورا پلان ناڪام ٿيندا.

تفصيل موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري؟ سندس پلان (بي) سياسي بدحواسي جو منصوبو آهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جا سمورا پلان ناڪام ٿيندا.

وڌيڪ پڙهو: جي يو آءِ ف جو اجلاس، ملڪ جون اهم شاهراهون بند ڪرڻ جو فيصلو

هن چيو ته مولانا جمهوري ۽ عوامي پلان سامهون آڻي ۽ پلان بي جي تحت ڪوبه اهڙو غيرذميواراڻو قدم نه کڻي جيڪو سندس سياسي عبرت جو سبب بڻجي.

LEAVE A REPLY