معيشت مستحڪم ٿي چُڪي، ايندڙ هدف نوجوانن کي روزگار جي فراهمي آهي: وزيراعظم

0
57
Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي معيشت مستحڪم ٿي چُڪي آهي ۽ هاڻي اسان جو ايندڙ هدف نوجوانن کي زورگار جي فراهمي لاءِ موقعو ڏيڻ آهي.

تفصيل موجب اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدن تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته معيشت جي حالت خراب هُئي، گذريل 3 مهينن ۾ روپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي ۽ اسان جي برآمدات وڌي رهيون آهن.

هُن چيو ته رپيو مارڪيٽ ٽريڊ جي سطح تي پهچي چُڪو آهي، روپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي چُڪي آهي ۽ هاڻي هي ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته چين جا جهڙي نموني پاڪستان سان لاڳاپا هينئر آهن ماضي ۾ ڪڏهن نه رهيا، چين اسان جي هر طرح سان مدد ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي به ڪوشش آهي ته اسان سيڙپڪاري لاءِ چين جي مدد ڪيون.

LEAVE A REPLY