حڪومت نوازشريف جي صحت سان خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي: مريم اورنگزيب

0
59
Maryam Aurangzeb

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نوازشريف جي صحت سان خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي.

تفصيل موجب مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت نوازشريف جي علاج ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وجهي، نوازشريف جي صحت جي حوالي سان قانوني تقاضا پهريان ئي پوري ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته نوازشريف کي هينئر تائين ٻه ڀيرا اسٽيرائيڊز جا هاءِ ڊوز ڏنا ويا آهن، اسٽيرائيڊز جا هاءِ ڊوز هر ڀيري ڏيڻ نوازشريف جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، حڪومت نوازشريف جي صحت سان خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته ڊاڪٽرن جي هدايت موجب ايئرايمبولينس کي اڄ اچڻو هو پر حڪومتي موقف ۾ دير ٿيڻ جي ڪري ايئرايمبولينس جي آمد دير جو شڪار ٿي رهي آهي.

LEAVE A REPLY