آزادي مارچ جو پلان بي: ڪوئيٽا چمن روڊ ٽريفڪ لاءِ بند

0
50
Azadi March

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻي ۾ اپوزيشن پارٽين جي آزادي مارچ کي اڄ 14هون ڏينهن آهي ۽ مظاهرين اسلام آباد جي ايڇ 9 گرائونڊ ۾ موجود آهن.

جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان وزيراعظم عمران خان کان فوري طور تي استعيفيٰ ڏين ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ سميت ٻيا مطالبا ڪيا آهن، پر حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ نئين چونڊن جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.

گذريل ڏينهن مظاهرين کي خطاب ۾ مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جي پلان (بي) تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڏني هئي.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته آزادي مارچ جي پلان بي تحت ملڪ جي مختلف شهرن کي بند ڪيو ويندو.

جي يو آءِ (ف) جي ڪارڪنن آزادي مارچ جي پلان ”بي“ تي عمل ڪندي ڪوئيٽا چمن روڊ سيد حميد ڪراس کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي.

LEAVE A REPLY