مولانا پنهنجي ڪارڪنن جو ايترو امتحان وٺي جيترو هو سهي سگهن: شيخ رشيد

0
53
Shaikh Rasheed

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانافضل الرحمان پنهنجي ڪارڪنن جو ايترو امتحان وٺي جيترو هو سَهِي سَگهن، رستا بند ڪرڻ علماءَ جو ڪم ناهي، نوازشريف قانوني تقاضا پورا ڪري پرڏيهه وڃي.

تفصيل موجب اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو تهآصف علي زرداري جي ساٿين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، مونکي خبر ناهي ته آصف زرداري کي ڪو پيڪيج ملي رهيو آهي يا نه، هُو ٿوڙا گهڻا پئسا ڏيندو ته ٻاهر ويندو، علي گيلاني جو وزيراعظم کي لکيل خط اهم آهي، عمران خان کي چوندس ته علي گيلاني جي خط جو مثبت جواب ڏئي.

هن چيو ته اجتماع تي ويندڙن کان گئس سلينڊر وٺون ٿا ته هو وڙهي ٿا پن، ماڻهو سلينڊر پنهنجي بستر ۾ لڪائي ٿا ڇڏين، اسان جي ماڻهن کان ڪوتاهي ٿي هي، انهن مان 15 ڄڻن کي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY