نيب پاران ڪي ڊي اي خلاف جاچ بند، التمش سوسائٽي ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري

0
48
Chairman NAB Javed Iqbal

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي خلاف جاچ بند ۽ التمش سوسائٽي جي مالڪن ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ جي اڳوڻي وقتي آءِ جي غلام شبير شيخ ۽ ٻين خلاف اختيارين جي ناجائز استعمال بابت الزام تي قانوني رخن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

نيب پڌرائي موجب انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشنز الزامن جي بنياد تي شروع ڪيون ويون آهن جيڪي حتمي ناهن، نيب قانون موجب لاڳاپيل ماڻهن کان انهن جو موقف ڄاڻي وڌيڪ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب جي پاليسي ۽ ايگزيڪيٽو بورڊ اجلاس جي باري ۾ عوام کي تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

LEAVE A REPLY