آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جون افواهون بي بنياد آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

0
52
DG ISPR Press Conference

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي افواهن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.

پاڪ فوج جي رابطن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته عالمي عدالت انصاف جي ڪلڀوشن ياديو بابت فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جون ڳالهيون غلط آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ان معاملي تي مختلف قانوني رخن تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان حتمي صورتحال کان وقت سان گڏ آگاهه ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY