فضل الرحمان پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان، ڪارڪنن کي صوبن ڏانهن وڃڻ جي هدايت

0
55

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ 14 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پشاور موڙ تي آزادي مارچ کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو اڄ هتان روانا ٿي ويندا ۽ صوبن ۾ روڊ بلاڪ ڪندڙن سان وڃي ملندا.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پلان اي حڪومت جون پاڙون ڪٽي ڇڏيون آهن ۽ هاڻي اسان ڪرندڙ ڀت کي هڪ ڌڪو وڌيڪ ڏينداسين.

جي يو آءِ ف جي سربراهه جو چوڻ هو ته جيڪي ڪارڪنن آزادي مارچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا اهي پنهنجي گهرن مان نڪري اچن ۽ پلان بي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏين، اسان هن محاذ تان اڳئين محاذ تي وڃي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت تي ڪو به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن حڪومت کي نه ڪو ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ نه ئي عالمي برادري اعتماد ڪري رهي آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪجهه صوبن ۾ اسان جا ساٿي روڊن تي نڪري آيا آهن، هاڻي حڪومت گهر وڃي، وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ عام چونڊن کان گهٽ ڪجهه به قبول ناهي، اسان شهرن ۾ نه پر شاهراهن تي ويهنداسين.

جي يو آءِ ف جي سربراهه فضل الرحمان جو چوڻ هو ته رياست اسان جي جوانن کي نه روڪي، احتجاج اسان جو حق آهي ۽ جيڪڏهن اسان کي هڪ هنڌ تي احتجاج کان روڪيو ويندو ته اسان ٻئي هنڌ تي احتجاج ڪنداسين ۽ هاڻي اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.

LEAVE A REPLY