ن ليگ پاران نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج لاءِ حڪومت جي مشروط اجازت رد

0
42

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج لاءِ حڪومت جي مشروط اجازت کي رد ڪري ڇڏيو.

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب وفاقي قانون واري وزير فروغ نسيم جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته حڪومتي فيصلو عمران خان جي معتصباڻي رويي ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آهي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته ضمانت وقت آئيني ۽ قانوني گهرجون ۽ ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي چڪا آهيون، نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ کي مشروط ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر فيصلو آهي.

سندس چوڻ هو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ کي مشروط ڪرڻ جي پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ضمانت لاءِ آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪري چڪا آهيون، عدالت جي مٿان هڪ ٻي حڪومتي عدالت نٿي لڳي سگهي.

مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت هڪ پاسي نواز شريف جي صحت جي سنگيني جو اعتراف ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف وري بدنيتي سان نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف لاءِ هر گهڙي قيمتي آهي، جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميوار موجوده حڪومت هوندي، حڪومت دير وارن حربن سان نواز شريف جي زندگي ۽ صحت سان کيڏي رهي آهي.

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته شهباز شريف سينيئر قيادت جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ حڪومتي فيصلي کانپوءِ واري حڪمت عملي تي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويندو جڏهن ته شهباز شريف سڀاڻي منجهند جو 3 وڳي اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو.

LEAVE A REPLY