ڪي فور منصوبو وفاق پاڻ بند ڪيو: وڏو وزير مراد علي شاهه

0
46
Murad Ali Shah

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت گذريل سال کان ڪي فور منصوبي جو اڏاوتي ڪم روڪرائي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار نيڪ نيتي سان ايف ڊبليو او سان گڏجي ڪي فور منصوبي تي ڪم شروع ڪيو پر وفاقي حڪومت ان کي روڪرائي ڇڏيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ايف ڊبليو او هڪ معتبر تعميراتي ادارو آهي ميڊيا هاڻي پاڻ وڃي پتو لڳائي ته ڪنهن جي چوڻ تي ڪي فور جي ڊيزائين کي ناقابل اعتماد قرار ڏنو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY