نواز شريف جي صحت پياري آهي ته بانڊ کي انا جو مسئلو نه بڻايو وڃي: شيخ رشيد

0
41
Shaikh Rasheed

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ ن کي نواز شريف جي صحت پياري آهي ته سيڪيورٽي بانڊ کي انا جو مسئلو نه بڻايو وڃي.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 هفتا گذري ويا آهن حڪومت تي دٻاءُ آهي، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي جنهن تي عمل ٿيڻ گهرجي، سيڪيورٽي بانڊ جو شرط آهي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪاوڙ ۾ ڪجهه ماڻهن مختلف راءِ ڏني آهي، ڪابينا جو گڏيل فيصلو آهي حڪومت پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا ميڊيا کيڏي رهيا آهن ته هو ڪٿي به وڃي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته هاڻي ته انهن کي ڪيش به ناهي ڏيڻي بس هڪ بانڊ ڀري ڏيڻو آهي، مريض جي صحت پياري آهي ته سياست نه ڪرڻ گهرجي.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ن ليگ سيڪيورٽي بانڊ کي سياسي انا جو مسئلو بڻائي رهي آهي ته مان ان تي ڪجهه به نٿو چئي سگهان.

LEAVE A REPLY