اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ليگي اڳواڻ نواز شريف جي بيماري تي سياست ڪرڻ چاهين ٿا.
سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته نواز شريف کي 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري حڪومتي فيصلي ک معتصباڻو قرار ڏيڻ افسوس جوڳو عمل آهي.
فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته سياست کي پٺتي ڇڏي انساني همدردي جي بنياد تي نيڪ نيتي سان فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ قانون جي پاسداري حڪومت جي آئيني ذميواري آهي.
لیگی ردعمل اس امرکا ثبوت ہے کہ وہ میاں صاحب کی بیماری پر سیاست کرنا چاہتے ہیں،علاج نہیں۔اگر آپ قانون کا احترام کرتے ہیں تو indemnity bond کے قانونی تقاضے کو پورا کرنے میں کیا عار ہے؟
— Firdous Ashiq Awan (@Dr_FirdousPTI) November 13, 2019
سندس چوڻ هو ته ليگي ردعمل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي نواز شريف جي بيماري تي سياست ڪرڻ چاهين ٿا ان جو علاج ڪرائڻ نٿا چاهين، جيڪڏهن اوهان قانون جو احترام ڪيو ٿا ته گارنٽي جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي؟
محمد نواز شریف کو چار ہفتوں کے لئے بیرون ملک جانے کی اجازت دینے کے حکومتی فیصلے کو متعصبانہ قرار دینا نہایت افسوسناک ہے۔سیاست کو پس پشت ڈال کر انسانی ہمدردی کی بنیادوں پر نیک نیتی سے فیصلہ کیا۔قانون کی پاسداری حکومت کی آئینی ذمہ داری ہے۔
— Firdous Ashiq Awan (@Dr_FirdousPTI) November 13, 2019
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي مسئلو پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جو ناهي، هي هڪ شخص جي صحت جو مسئلو آهي جنهن کي ريليف ڏيڻ لاءِ حڪومت غيرمعمولي قدم کنيا آهن.