پشاور ۾ گاڏي تي فائرنگ، ڊي ايس پي سي ٽي ڊي شهيد

0
37
Peshawar Firing

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ شاهه پور چوڪي ويجهو گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پوليس رورل شهيد ٿي ويو آهي.

ايس ايس پي آپريشنز ظهور آفريدي ٻڌايو ته شاهه پور چوڪي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ قائم مقام ڊي ايس پي رورل سي ٽي ڊي غني خان شهيد ٿي ويو آهي.

ظهور آفريدي وڌيڪ ٻُڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي جو گَن مين ۽ ڊرائيور به زخمي ٿيا آهن.

ٻئي پاسي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کي رپورٽ پويش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير محمود خان زخمي اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY