قمر زمان ڪائره جي آصف زرداري سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

0
63
Lahore High Court

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِڪورٽ قمر زمان ڪائره جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب لاهور هاءِڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پ پ اڳواڻ کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ واري قدم کي چئلينج ڪيو ويو آهي.

سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته آصف علي زرداري پملز اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ اڳوڻي صدر سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ جو اختيار ڪمشنر اسلام آباد وٽ آهي.

درخواست گزار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته آصف زرداري بيمار آهي پر جيل اختياريون پاران ساڻس ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، درخواست گزار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته آصف علي زرداري سان ملاقات جي اجازت ڏئي وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻُڌڻ کانپوءِ قمر زمان ڪائره کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY